ٽالپر مير رسول بخش خان

ٽالپر مير رسول بخش خان

مير رسول بخش خان ٽالپر

مير رسول بخش خان ٽالپر : الحاج مير علي احمد خان ٽالپر جو ننڍو ڀاءُ مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊو مير محمود ۾ مير حاجي نبي بخش ٽالپر جي گهر ۾23 آڪٽوبر 1920ع ۾ پيدا ٿيو . مير صاحب جامعه مليه دهلي ۽ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم ورتي ، زمينداري پيشو کين ورثي ۾ مليو . مير رسول بخش ٽالپر سنڌ جي سياست ۾ تمام بهادر ۽ مشهور شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو . سندس طبيعت ۾ محبت ، اخوت ، رواداري ، عاجزي ۽ همدردي تمام گهڻي سمايل هئي . سندن طبيعت ۾ فقيري اوصاف تمام گهڻا سمايل هئا . مير رسول بخش صاحب ذوق ۽ علم پرور شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ غريبن جو همدرد پڻ هو . حق چوڻ ۽ حق جي ساٿ ڏيڻ ڪري کيس ڪجهه عرصو جيلن ۾ به رهڻو پيو ، مگر پنهنجي اصولن تان ڪين هٽيو . مير صاحب سنڌ جو گورنر ۽ سينيئر وزير پڻ رهي چڪو آهي . سندس درويشانه طبيعت سبب سندس پيارا کيس مير شير محمد چوندا هئا . مير رسول بخش خان پنهنجي سماجي خدمت جي شروعات ٽانگا ڊرائيور يونين ، رڪشا يونين ۽ هارين جي قيادت سان ڪئي . ڪيترائي سال مختلف ليبر يونين جو رهنما پڻ ٿي رهيو . 21 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو . 1965ع ۾ بنيادي جمهوريت واري چونڊ ۾ يونين ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو . مير رسول بخش 1958ع ۾ عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حڪومت جو نقاد رهيو . 1970ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين . 1972ع ۾ سرڪاري حج وفد جي سربراهه جي حيثيت ۾ حج جي سعادت حاصل ڪئي ۽ 29 اپريل 1972ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو . 13 فيبروري 1973ع ۾ انهي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين . 14 مئي 1981ع تي کيس سنڌ جو سينيئر وزير مقرر ڪيو ويو . مير صاحب کي انهن عهدن تي سندس صلاحيتن ڪري فائز ڪيو ويو هو . مير صاحب پهرين مئي 1982ع تي انتقال ڪيو .


لفظ مير رسول بخش خان ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1920.10.23  عيسوي

مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊو مير محمود ۾ مير حاجي نبي بخش ٽالپر جي گهر ۾23 آڪٽوبر 1920ع ۾ پيدا ٿيو


1982.05.01  عيسوي

مير رسول بخش پهرين مئي 1982ع تي انتقال ڪيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس عليه السلام
بيگم طاهره آغا
ٿامس هينري ونس
سيد غلام حيدر شاهه1
اشرف منصور دائودپوٽو
خانبهادر ولي محمد آفندي
قاضي پاٽائي شفيع محمد
ڇٽو فقير ڪوريجو
سيد غوث علي شاهه
جوزف سلاڊن
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون